اسلام آباد: هڙتال ڪندڙ وڪيلن جا لائسنس ختم ڪرڻ گهرجن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڙتال ڪندڙ وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙن وڪيلن جا لائسنس فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجن سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصل آباد جي هڪ فيڪٽري خلاف 6 ڪروڙ 78 لک روپين کان وڌيڪ گيس چوري جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ٽرائل ڪورٽ جي آرڊر ۾ وڪيلن جي 2 کان 3 ڀيرا هڙتال سبب پيش نه ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ويو جنهن تي جسٽس قاضي فائز وڪيلن تي ڪاوڙجي پيو
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته وڪيلن ڪيئن هڙتال ڪري سگهن ٿا؟ اهڙن وڪيلن جو لائسنس ختم ڪرڻ گهرجي. اهو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ وڪيلن جو پنهنجو ٺاهيل آهي جنهن تي هو پاڻ عمل ناهن ڪندا اهڙن ججز کي به هٽائڻ گهرجي جيڪي آرڊر تي لکي رهيا آهن ته وڪيل هڙتال تي آهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته وڪيل هڙتال ڇو ڪري رهيا آهن،اهو به ناهي ٻڌايو ويو ڇا عدالت وڪيل کي عدالت مان کڻي اچي،جيڪو چاهي ٿو مرضي سان هڙتال ڪري رهيو آهي، پوءِ عدالتي نظام کي بند ڪري ڇڏيو، سموري ملڪ جي سسٽم کي خراب ڪيو ويو آهي، هر ماڻهو پنهنجو ڪم ڪري ته ملڪ جو سسٽم بهتر ٿي سگهي ٿو قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪنڊڪٽ جو قانون وڪيلن پاڻ ٺاهيو آهي، ججز يا پارليامينٽ اهو قانون ناهي ٺاهيو، اسان عدالت ۾ آئين ۽ موجب هلندا آهيون، ٻڌڻي دوران فيڪٽري طرفان مقرر ڪيل وڪيل چيو ته وڪيل جي غلطي آهي ته ان جي سزا موڪل کي نه ملڻ گهرجي. جنهن کان پوءِ عدالت جي 2 رڪني بينچ ڪيس ۾ فيڪٽري جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو