ڪراچي: ناليواري اداڪار، مشهور هدايتڪار ۽ ٽي وي ميزبان ضياءَ محي الدين 94 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم ضياءُ محي الدين جي جنازي نماز ڊفينس فيز 4 ۾ واقع امام بارگاهه يثرب ۾ ادا ڪئي وئي جنهن کان پوءِ سندس تدفين ڊفينس فيز 8 جي قبرستان ۾ ڪئي وئي ضياءَ محي الدين طبيعت ۾ خرابي سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. گذريل ڏينهن ضياءَ محي الدين کي بخار ۽ پيٽ ۾ تڪليف سبب اسپتال داخل ڪيو ويو هو. ضياءَ محي الدين جون 1931ع تي فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو هن ريڊيو آسٽريليا تان صداڪاري جي ڪم جي شروعات ڪئي. هن ڪافي وقت تائين برطانيه جي ٿيٽر لاءِ ڪم ڪيو. برطانوي سئنيما ۽ بالي ووڊ ۾ به فن جا جوهر ڏيکاريا. 50 جي ڏهاڪي ۾ لنڊن جي رائل اڪيڊمي آف ڊرامائڪ آرٽ مان اداري جي باقاعده تربيت حاصل ڪئي
ضياءَ محي الدين کي 1962ع ۾ فلم لارنس آف عربيه ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، هن فلم لارنس آف عريبيه ۾ هڪ يادگار ڪردار ادا ڪيو. تمام گهٽ ماڻهن کي اها خبر آهي ته معين اختر کي پردي تي آڻيندڙ به ضياءَ محي الدين ئي هو
