76

خيرپور :شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز پاران ۽ ميڊيا سوسائٽي جي گڏيل سهڪار سان ريڊيا جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

خيرپور :شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز پاران ۽ ميڊيا سوسائٽي جي گڏيل سهڪار سان ريڊيا جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروگرام جي صدارت ڪئي جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ملاح سيڪريٽري انٽربورڊ ڪاميٽي آف چيئرمين (آئي بي سي سي) اسلام آباد مهمان خاص هيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري چيو ته جنگ ۽ امن جي دور ۾ ريڊيو جو ڪردار قابل ذڪر رهيو آهي. خاص ڪري پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) پاڪستان جي نظرياتي بنياد ۽ اسلامي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 1965 ۽ 1971 جي جنگين دوران ريڊيو پاڪستان ڀارتي جارحيت خلاف پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج جو مورال بلند ڪيو. ڊاڪٽر تاج لاشاري يونيورسٽي ۾ هم نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي ڪوششن کي ساراهيو. پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته ريڊيو تعليم، زراعت، قومي اتحاد، راندين وغيره متعلق معلومات جو مکيه ذريعو رهيو آهي. هن ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي جي نوجوانن تي زور ڏنو ته هو ميڊيا جي ڄاڻ حاصل ڪن ته جيئن هو قوم جي تعمير ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. ڊاڪٽر غلام علي ملاح يونيورسٽي ۾ شاگردن جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ اسٽوڊنٽ سوسائٽيز جي ڪردار کي ساراهيو. احمد علي ميمڻ اسسٽنٽ پروفيسر ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ريڊيا جي اهميت تي روشني وجھندي چيو ته ريڊيو خاص ڪري آفتن ۽ ٻوڏن جي ڏينهن ۾ معلومات مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. تاج محمود رند چيو ته اقوم متحده 2011 ۾ 13 فيبروري کي ريڊيو جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو. هن چيو ته هن سال جو موضوع ريڊيو ۽ امن آهي، جنهن جو مطلب آهي ريڊيو ذريعي امن کي فروغ ڏيڻ. هن چيو ته پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ دوران ريڊيو معلومات جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الرحمان ابڙو چيو ته سوشل ميڊيا جي اچڻ سان ريڊيو جي اهميت تي اثر پيو آهي. هن سال جو موضوع ريڊيو ۽ امن آهي، جنهن جو مقصد جامع ثقافت، رواداري ۽ امن کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته عوام جي بنيادي مسئلن کي ريڊيو ذريعي اجاگر ڪيو وڃي. پي بي سي جي ميڊيم ويوز سروس کي بحال ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر صاحب اوڏ، دستار علي چانڊيو ۽ نديم احمد دئيو پڻ خطاب ڪيو. هنن چيو ته يوٽيوب کي ريڊيو سان ڳنڍجي سگهجي ٿو ڇو ته ريڊيو ڄاڻ جو مضبوط ذريعو آهي. علي رضا لاشاري انچارج اسٽوڊنٽس سوسائٽز اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا. پروگرام ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو