ڪنڌ ڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ،ڪرمپور پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ شھيد غلام حسين جعفري جي خون سان انصاف نه ٿيو وارثن پاران ۽ شھيد جي معصوم ٻارڙن ڳوٺ محمد امين جعفري ۾ پوليس خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي ڳوٺ جي چڱي مڙس محمد امين جعفري محمد جمن جعفري محمد عظيم جعفري ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس اسان جي نوجوان کي ناحق قتل ڪري ڪوڙو مقابلو ڏيکاري اسان جي نوجوان جو خون لوڙھڻ چاھيو پر اسان جي ڀرپور احتجاج بعد پوليس گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ شھيد جو ڪيس ايس ايڇ او سميت ٽن اھلڪارن ٻين تي ڪيس داخل ڪيو پر پوليس پنھنجي پٽي ڀائين کي گرفتار ڪرڻ کان ڪاسر آھي ٻئي طرف علائقي جي معززين کي پوليس اسان وٽ ميڙ جي صورت ۾ موڪلي ٺاھ جون ڳالھيون پڻ ڪرڻ لاء زور ڀري رھي آھي اسان جي نوجوان جي قتل ۾ ملوث ڪارين رڍن ڪي بي ڏاھاڻي سميت ٻين کي جيسيتائين گرفت ۾ نه آندو ويندو تيسيتائين اسان جي احتجاجن جو سلسلو جاري رھندو ٻئي طرف سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي به وارثن وٽ پھچي ڏک ۾ شريڪ ٿي وارثن کي انصاف ڏيارڻ جي پڻ خاطري ڪرائي ۽ وارثن سان انصاف خاطر ھر طرح جو ساٿ ڏيڻ جو پڻ واعدو ڪيو