ڪنڌڪوٽ:18 ڏينهن اڳ غوثپور پوليس جي مبينه مقابلي ۾ مارجي ويل 2 نوجوانن اسدﷲ شيخ ۽ مير شيخ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ، احتجاج

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،18 ڏينهن اڳ غوثپور پوليس جي مبينه مقابلي ۾ مارجي ويل 2 نوجوانن اسدﷲ شيخ ۽ مير شيخ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو ڳوٺ غلام قادر شيخ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مقتولن جي وارثن عطاﷲ شيخ، صاحب شيخ، فقير قربان شيخ مسمات خان زادي شيخ، گل خاتون شيخ ۽ ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن ھٿن ۾ ۾بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪيس ۾ گھربل 7 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪري ڪشمور پوليس خلاف نعريبازي ڪئي متاثرن چتاء ڏيندي چيو آهي ته اسان جي مقتولن جا جوابدار 2 ڏينهن ۾ گرفتار نه ڪيا ويا ته مقتول جي ڀاءُ عطاﷲ شيخ ۽ صاحب شيخ ايس ايس پي آفيس آڏو پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندا سين۔ اسان سان پوليس ناحق ڪري اسانجا ٻھ ڪونڌر قتل ڪري اسان جا گھر اجاڙيا آھن۔ ۽ اسان قاتلن جي گرفتاري تائين اسانجو احتجاج جاري رھندو