ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )غوثپور شھر ۾ سنڌ اسمبلي جي منظور ٿيل بل کي غوثپور جي وياج خورن ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو ڄاڻ ڪنھن کي بل جي ڪا خبر به نه آھي وياج خورن کان تنگ ٿي ڪري پاڻ تي پيٽرول ھاري باھ ڏئي ساڙن جو اعلان ڪندي چيو ته مان رٽائر پرائمري استاد برڪت علي ملڪ آھيان (700000) لک موڙي ورتي آھي جنھن جو ھر ميھني (35000)ھزار وياج چوڌري ڪشور ۽ شنيل ڪمار کي ڏنو آھي ٽن سالن جو وياج(1260000) لک سٺ ھزار وٺي چڪو آھي ۽ مان پنھنجي ٻچن جو آکرو وڪڻي ڪري روڪ رقم (700000)لک ظلم وياجي چوڌري ڪشور ڪمار ۽ چوڌري شنيل ڪمار کي وياج ۾ ڏنا آھن ھڪ رٽائر ملازم استاد گھر ۾به پورينه آھي ھن وياجن جو ڪاڏھن پيٽ ڀريان پوء به وياجي ٻئي ڀائر ڪشور ۽ شنيل ڪمار مون کي منھنجي گھر ۾ داخل ٿي ڪري موت مار ڌمڪيون ڏنيو آھن ۽ مان انھي ٻن ڀائرن وياج خورن کان تنگ ٿي ڪري پاڻ سان گڏ پنھنجي معصوم ٻچن کي به پيٽرول ھاري ٿاڻي اندر باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس منھنجي اعلي اختيارن کي ھٿ ٻڌي رڪويسٽ آھي ته ھن وياج خورن ٻنھي ڀائرن چوڌري ڪشور ڪمار ۽ شنيل ڪمار کان منھنجي جان ڇڏائي وڃي مان اپيل ٿو ڪريان ته ھي منھنجو بيان رڪارڊ ۾ رکيو وڃي جئين وقت سر ڪم اچي منھنجي موت جا ذميوار ٻئي ڀائر ڪشور ۽ شنيل ڪمار آھن ايس ايس پي ڪشمور عرفان سموء صاحب منھنجي ھن وياج خورن کان جان ڇڏايو نه ته مان ڪنڌڪوٽ شيشن ڪورٽ سڳوري جو در جي سامھون باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس مان بار بار چون ٿو منھنجي موت جا ذميوار ٻئي ڀائر چوڌري ڪشور ڪمار ۽ چوڌري شنيل ڪمار ھوندا مان اڳ ۾ به غوثپور ٿاڻي تي ويو آھيان