ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم ذريعي هڪ چوري ٿيل موٽر سائيڪل جو چالان ان جي اصل مالڪ کي موصول ٿيو آهي، جنهن بعد شهرين ۾ تشويش پيدا ٿي وئي آهي۔ موٽر سائيڪل 22 ڊسمبر 2025 تي رضويه واري علائقي مان چوري ٿي هئي ۽ ان بابت ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي هئي، پر پوليس گاڏي هٿ نه ڪري سگهي۔5 جنوري تي اها موٽر ائيڪل هائپر اسٽار وٽ سيف سٽي ڪيمرائن ۾ نظر آئي، جتي پٺيان ويٺل ماڻهو هيليٽ نه پاتو هئڻ سبب 5 هزار رپين جو چالان ٿيو۔ ان کان اڳ 29 نومبر تي اصل مالڪ جو به هيليٽ نه پائڻ تي چالان ٿيو هو۔چالان ۾ موجود تصوير ۾ هڪ جوابدار جو چهرو صاف نظر اچي رهيو آهي، جنهن بعد شهري جوابدارن جي گرفتاري ۽ موٽر سائيڪل جي رڪوري لاءِ اپيل ڪئي آهي ۽ پنهنجو چالان ختم ڪرڻ جي به درخواست ڏني آهي۔
