لاهور:جنرل باجوه سپر ڪنگ هو ته ڇا اوهان ان جا ملازم هئا؟ مريم نواز جو عمران خان کان سوال

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ جو نالو بيانيو رکيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ ڪوبه معاشي پلان نه هو. جنرل باجوه جيڪڏهن سپر ڪنگ هو ته ڇا اوهان ان جا ملازم هئا نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز (ن) ليگ يوٿ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ کانپوءِ هاڻي عدليه جي گهوڙي تي سوار ٿي اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، رجيم چينج واري بيانيي مان آمريڪا باعزت بري ٿي ويو عمران خان يو ٽرن وٺي هاڻي چوي ٿو ته منهنجي خلاف سازش آمريڪا نه پر جنرل باجوه ڪئي، جنرل باجوه سپر ڪنگ هو ته توهان ڇا هئا؟ ڇا توهان هن جا ملازم هئا مريم نواز چيو ته عمران خان جنهن ماڻهوءَ کي مير جعفر ۽ مير صادق چيو ان کي تاحيات ايڪسٽينشن جي آڇ ڪئي، عمران خان ڪوڙ جو نالو بيانيو رکيو ۽ سوشل ميڊيا کان مدد ورتي، عمران خان پنهنجا ٻار ٻاهر ويهاري نوجوانن کي جيل ڀرڻ لاءِ چئي رهيو آهي، نوجوان عمران خان جي گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا جو شڪار نه ٿين مريم نواز چيو ته(ن) ليگ اي ڪامرس آءِ سيڪٽر ۾ بهترين قدم کنيا، سستي قرض جي اسڪيم به اسان جي دور ۾ شروع ٿي. عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جي ڳالهه ڪئي، ڇا هن ڪڏهن ڪنهن شاگرد کي ڪا اسڪيم ڏني جيل يريو جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان پنهنجا کيسا ڀري ماڻهن جي ٻارن کي جيل ڀرڻ جو چئي رهيو آهي. جڏهن ته سندس ٻار پرڏيهه ۾ ويٺل آهن. عمران خان پاڪستان جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي به خراب ڪري ڇڏيو. سائفر جي بيانئي جي تدفين زمان پارڪ ۾ ٿي چڪي آهي. اوهان پرڏيهي ملڪن ۾ انٽرويو ڏنا ته ڪابه سازش ناهي ٿي. ايبسلوٽلي ناٽ جا اسٽيڪر ڇو لڳرايا ويا هئا مريم نواز چيو ته مو ن اڳ ئي چيو هو ته سائفر فراڊ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ڪوڙو ماڻهو ڪڏهن به سچ نٿو ڳالهائي سگهي. مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر چيو ته اڄ هن کان سوال ڪريون ٿا ته اسان کي ڇو بيوقوف بنايو ويو. گاڏين تي غلامي نامنظور جا اسٽيڪر لڳرايا ان جو ڇا ڪريون؟ هن ڪوڙي بيانئي جي لاءِ ماڻهن کي غدار ۽ ايجنٽ چيو. شرم نٿو اچي هن کي پنهنجي ڪوڙ تي. قوم اوهان جيان ذهني طور تي معذور نه آهي