ملتان: ملتان سلطانز جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاھاڻي جي آڱر ۾ فريڪچر

ملتان: پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنوار ڏاهاڻي جي ساڄي هٿ جي آڱر ۾ فريڪچر ٿي پيو آهي ان حوالي سان ملتان سلطانز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي جي آڱر ۾ فريڪچر ٿي پيو آهي، سندس متبادل لاءِ مشاورت جاري آهي ذريعن شاهنواز ڏاهاڻي جي متبادل رانديگر لاءِ ڪارلوس بريٿ ويٽ کي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو