اسلام آباد قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ڀينرن سياست ۾ مداخلت نه ڪئي هجي ها ته هو نومبر 2024 تائين عمران خان کي آزاد ڪرائي چڪو هجي ها۔ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته عمران خان جي ڀينرن ۽ بشريٰ بي بي سبب پارٽي کي سياسي نقصان پهتو۔ هن دعويٰ ڪئي ته اڳوڻي وزيراعليٰ خيبر پختونخوا علي امين گنڊاپور کي بشريٰ بي بي جي چوڻ تي هٽايو ويو۔شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ جي ياست ۾ وفاداري وائي فائي جهڙي آهي، سگنل مضبوط هوندو ته ڪنيڪٽ ٿي ويندي۔ هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪو به شعبو اهڙو ناهي جيڪو عمران خان جي ڀينرن جي مداخلت کان بچي سگهيو هجي۔هن چيو ته عليمه خانم سان ذاتي طور سندس ڪو به اختلاف ناهي، پر پارٽي معاملن ۾ مداخلت مسئلا پيدا ڪيا آهن۔
