تہران ۾ صدارتي محل تي اسرائيلي حملو، خامنہ اي محفوظ هنڌ منتقل

اسرائيل ايران خلاف ڪارروائين ۾ شدت آڻيندي گادي واري شهر Tehran ۾ اهم سرڪاري عمارتن کي نشانو بڻايو آهي۔ ايراني ميڊيا موجب ميزائل حملن دوران صدارتي محل ۽ حڪومتي هيڊڪوارٽرز تي وار ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي۔ عالمي خابرساز اداري ايراني عملدارن حوالي سان ٻڌايو آهي ته حملي وقت ايران جو سپريم ليڊر Ali Khamenei تہران ۾ موجود نه هو ۽ کيس اڳواٽ ئي ڪنهن انتهائي ڳجهي ۽ محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو هو۔ ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته هن آپريشن ۾ ايران جي هڪ اعليٰ سرڪاري عهديدار کي نشانو بڻايو ويو۔ قطري ميڊيا نيٽ ورڪ Al Jazeera موجب تہران سان گڏوگڏ Isfahan، Kermanshah ۽ Qom ۾ به ڌماڪن جون آوازون ٻڌيون ويون، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن۔ تجزيه نگارن موجب صدارتي محل ويجهو سڌي حملن خطي ۾ وڏي تڪرار جو خطرو وڌائي ڇڏيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو