ايراني حملن کان پوءِ ترڪي جا وڏا دفاعي قدم، صدر اردوان جي تصديق

انقره (ويب ڊيسڪ) — رجب طيب اردوان ايراني حملن جي تناظر ۾ ملڪ جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏن دفاعي قدمن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته ترڪي پنهنجي سرحدن ۽ قوم جي تحفظ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي۔

پرڏيهي ذريعن موجب انقره ۾ ترڪ فوجين جي اعزاز ۾ منعقد ڪيل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي صدر اردوان چيو ته خطي جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري ۽ ضروري قدم کنيا ويا آهن۔

هن ٻڌايو ته ايراني حملن جي جواب ۽ علائقي جي صورتحال تي ڪنٽرول لاءِ نيٽو اتحادي ملڪن سان تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ دفاعي تيارين کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي۔

صدر اردوان سخت لهجي ۾ خبردار ڪندي چيو ته اهڙا واقعا ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ واضح پيغام ڏنو ويو آهي ۽ ترڪي هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو۔

هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ترڪ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان معاملي تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪيو ويندو۔

علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي سطح تي به صورتحال تي ويجهي نظر رکي پئي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو