تهران (ويب ڊيسڪ) — ڪيمورس حيدري، ايران جي ختم الانبياء سنٽرل هيڊ ڪوارٽرز جو ڪمانڊر چيو آهي ته آمريڪا کي سخت ضربون نه لڳنديون ته جنگ جاري رهندي. هن زور ڏنو ته ايران 8 سالن تائين جنگ جو تجربو رکي ٿو ۽ مقاصد حاصل ڪرڻ تائين جنگ نه ختم ڪئي ويندي.
غير ملڪي ذرائع موجب هڪ انٽرويو ۾ جنرل حيدري چيو ته ايران کي ان ڳالهه جي ڪا پرواه ناهي ته جنگ ڪيتري وقت تائين جاري رهندي، پر مقصدن جي مڪمل ٿيڻ تائين جنگ جاري رهندي.
ٻئي پاسي، عباس عراقچي، ايران جي وزير خارجہ، آمريڪا تي سخت تنقيد ڪندي خبردار ڪيو آهي ته سمندر ۾ ايراني بحري جهاز کي نشانو بڻائڻ تي واشنگٽن کي شديد پڇتاوا ٿيندو.
سوشل ميڊيا پليٽفارم ‘ايڪس’ تي جاري بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته آمريڪا ايران جي ساحل کان ٻن هزار ميل پري سمندر ۾ کليل جارحيت جو مظاهرو ڪيو، ۽ امريڪي فورسز بغير ڪنهن پيشگي وارننگ جي ’فريگيٽ دينا‘ بحري جهاز کي نشانو بڻايو، جيڪو ان وقت ڀارتي بحريه جو مهمان هو.
عراقچي موجب جهاز تي حملے وقت 130 ماڻهو موجود هئا. هن سخت لهجي ۾ خبردار ڪندي چيو: “منهنجا لفظ ياد رکو، آمريڪا جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، ان تي پڇتاوا ضرور ٿيندو.”
