ايران جا فوجي تيار، امريڪا کي خبردار: عباس عراقچي

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي وزيرخارجہ عباس عراقچي امريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن واشنگٽن خطي ۾ تڻاوَ وڌائڻ چاهي ٿو ته ايران جي مسلح فوجون هر قسم جي دفاع لاءِ مڪمل تيار آهن.

عراقچي چيو ته ايران خطي ۾ تڻاوَ گهٽائڻ لاءِ سنجيده هو ۽ پاڙيسري ملڪن سان تعلقات بهتر ڪرڻ لاءِ مثبت قدم کنيا ويا. هن چيو ته ايران پاڙيسري ملڪن کي چيو هو ته انهن جي هوائي حدود، زمين ۽ سامونڊي علائقن کي ايران تي حملو ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏنو وڃي.

عراقچي مطابق هي سفارتي ڪوششون آمريڪي صدر جي سخت موقف سبب تقريباً ناڪام ٿي ويون ۽ خطي جي صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي.

هن چيو ته جيڪڏهن امريڪا محاذ آرائي جاري رکي ٿو ته ايران جي مسلح فوجون هر قسم جي دفاع لاءِ تيار آهن ۽ ڪنهن به ممڪن تڻاوَ جي ذميواري امريڪا تي عائد ٿيندي.

عراقچي دعويٰ ڪيو ته ٽرمپ جي هڪ هفتي واري مهم جي سبب آمريڪي فوج کي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ مالي نقصان ٿيو آهي ۽ ان جنگ جو اثر آمريڪي عوام تي ايندھن جي وڌندڙ قيمتن جي صورت ۾ پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي عوام ماضي ۾ مشرق وسطىٰ جي جنگن مان نڪرڻ لاءِ ووٽ ڏنو، پر اسرائيلي وزيراعظم آمريڪا کي اسرائيل جي جنگ ۾ ڌڪيو آهي. ايران خطي ۾ استحڪام ۽ تڻاوَ گهٽائڻ لاءِ سفارتي رستن کي ترجيح ڏئي ٿو.

پنھنجي راءِ لکو