علي لاريجاني جو دعويٰ: ايران ۾ ڪيترائي آمريڪي فوجي قيد

ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۾ ڪيترائي آمريڪي فوجي قيد آهن.

لاريجاني مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس اطلاع ملي آهي ته ڪيترائي آمريڪي فوجي ايران ۾ قيد آهن. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي اٿارٽيز دعويٰ ڪن ٿا ته انهن جا فوجي ڪاروائي ۾ مارجي ويا، پر آمريڪا طرفان حقيقت لڪائڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ٿينديون ۽ اها حقيقت گهڻو دير تائين لڪل نه رهندي.

ٻئي طرف آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايران جي دعويٰ کي سختي سان رد ڪيو آهي. سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان چيو ته ايراني دعويٰ ڪوڙ ۽ ڌوڪو تي ٻڌل آهي ۽ ڪنهن به آمريڪي فوجي کي قيد نه ڪيو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو