آمريڪي رپورٽ: ايران مطالبا نه مڃيا ته مجتبیٰ خامنه اي کي نشانو بڻائڻ جو امڪان

**آمريڪي رپورٽ: ايران مطالبا نه مڃيا ته مجتبیٰ خامنه اي کي نشانو بڻائڻ جو امڪان**

ويب ڊيسڪ: آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ايران آمريڪي مطالبا تسليم نه ڪري ته ايراني سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنه اي کي نشانو بڻايو وڃي سگهي ٿو۔

رپورٽ موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجن ويجهن صلاحڪارن کي آگاهه ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران جوهري پروگرام ختم ڪرڻ سميت آمريڪي مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ته هو مجتبیٰ خامنه اي خلاف مهلك ڪارروائي جي حمايت ڪري سگهن ٿا۔

وال اسٽريٽ جرنل مطابق اهڙي ممڪن ڪارروائي لاءِ اسرائيل طرفان آپريشن ٿيڻ جو امڪان به ظاهر ڪيو پيو وڃي۔

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ مجتبیٰ خامنه اي جي ايراني سپريم ليڊر طور چونڊجڻ تي خوش نه آهن ۽ هو اڳ به کين ناقابل قبول قرار ڏئي چڪا آهن۔

گذريل هفتي هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر چيو هو ته ايران ۾ اهڙو نئون اڳواڻ هجڻ گهرجي جيڪو عالمي برادري لاءِ قابل قبول هجي۔

وال اسٽريٽ جرنل موجب ٽرمپ واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران پنهنجو جوهري پروگرام ختم نه ڪندو ته هو ايراني قيادت خلاف ڪارروائي جي حمايت ڪندا، جنهن کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن۔

ان کان علاوه ٽائيم ميگزين کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته هو اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ نٿا ڪن ته آخر ۾ ايران کي هڪ ٻيو خامنه اي ملي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو