اتر ڪوريا ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي مڪمل حمايت جو اعلان

پيانگ يانگ (نيوز ڊيسڪ): اتر ڪوريا ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حالیہ حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي۔

اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته مجتبيٰ خامنه اي جي چونڊ ايران جو اندروني معاملو آهي ۽ ان فيصلي جو احترام ڪيو وڃي، ڇو ته قيادت جو فيصلو ڪرڻ ايراني عوام جو بنيادي حق آهي۔

ترجمان حملن کي “غيرقانوني جارحيت” قرار ڏيندي چيو ته اهڙا قدم نه رڳو وچ اوڀر جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن پر عالمي سطح تي به بيچيني وڌائين ٿا۔

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪنهن به ملڪ جي سياسي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي نقصان پهچائڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت قبول نٿو ڪري سگهجي۔

اتر ڪوريا عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪاررواين خلاف آواز اٿارين۔

پنھنجي راءِ لکو