تهران (ويب ڊيسڪ): پاسدارانِ انقلاب خطي ۾ موجود آمريڪا ۽ اسرائيل سان لاڳاپيل اقتصادي مرڪزن ۽ بينڪن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ جي 12هين ڏينهن صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي۔
هي بيان تهران ۾ هڪ بينڪ تي مبينا اسرائيلي حملي جي ردعمل طور سامهون آيو آهي۔ ايراني هٿياربند فوج جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل ابو الفضل شڪارچي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايراني بندرگاهن ۽ اقتصادي مرڪزن تي حملا جاري رهيا ته خطي جا ٻيا اقتصادي مرڪز به جوابي ڪارروائين جو حدف بڻجي سگهن ٿا۔
هن آمريڪي مرڪزي ڪمانڊ بابت دعوائن کي رد ڪندي چيو ته ايران شهري يا اقتصادي مرڪزن ۾ لڪي نه رهيو آهي، ۽ اهڙا الزام ايران جي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ جو جواز بڻايا پيا وڃن۔ ايران پنهنجي قانون تحت امريڪي سينٽرل ڪمانڊ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي ۽ پاڙيسري ملڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو آمريڪي فوج کي پناهه نه ڏين۔
ايراني خبررساں اداري تسنيم انهن آمريڪي ڪمپنين ۽ انفراسٽرڪچر جي فهرست جاري ڪئي آهي، جن جا اسرائيل سان لاڳاپا ٻڌايا ويا آهن۔ انهن ۾ Google، Microsoft، Palantir، IBM، Nvidia ۽ Oracle شامل آهن۔
رپورٽ موجب اسرائيل ۽ ڪجهه خليجي ملڪن ۾ موجود انهن ڪمپنين جا ڪلائوڊ بيسڊ آفيسون ۽ انفراسٽرڪچر هاڻي ايران جي “نئين هدفن” جي فهرست ۾ شامل آهن۔
ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب 28 فيبروري کان جاري جنگ دوران آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين 1300 کان وڌيڪ شهري مارجي چڪا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 10 هزار شهري هنڌن کي نشانو بڻائڻ جو دعويٰ ڪيو ويو آهي۔
ايراني سرڪاري براڊڪاسٽر تهران ۾ بينڪ تي حملي کي “غير قانوني ۽ غير معمولي عمل” قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن دشمن بينڪن کي نشانو بڻائيندو ته پوءِ سندس اقتصادي مرڪز به محفوظ نه رهندا۔
