بحرین ايران لاءِ مبينا جاسوسي جي الزام هيٺ 4 شهرين کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان

منامه/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): بحرین ايران لاءِ مبينا جاسوسي جي الزام هيٺ 4 شهرين کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔

پرڏيهي ميڊيا موجب بحرين جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ماڻهن جون عمرون 22 کان 36 سال جي وچ ۾ آهن ۽ اهي اهم هنڌن جون تصويرون وٺي پاسدارانِ انقلاب کي موڪليندا هئا۔

ٻئي پاسي آمريڪا ايراني بندرگاهن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، جنهن تي ايران سخت جوابي ڪارروائي جو انتباهه جاري ڪيو آهي۔

آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) ايراني شهرين کي بندرگاهن کان پري رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبنائے هرمز سان لاڳاپيل سڀئي پورٽ تنصيبات فوري طور خالي ڪيون وڃن۔

سينٽ ڪام بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪ ورڪرز، انتظامي ۽ ڪمرشل عملو ايراني بحري جهازن ۽ فوجي سامان کان پري رهي، ڇو ته فوجي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ سول بندرگاهون هاڻي جائز فوجي هدف سمجهي سگهجن ٿيون۔

علائقي ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب صورتحال وڌيڪ حساس بڻجي وئي آهي ۽ عالمي سطح تي به تشويش ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو