تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي اهم فوجي مرڪز خاتم الانبيا سينٽرل هيڊڪوارٽرز دشمن ملڪن کي سخت وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ جتي به دشمن موجود هوندو، ان کي نشانو بڻايو ويندو ۽ سندس ٺڪاڻن کي ملبو بڻايو ويندو۔
جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني فوج دشمن جي ٺڪاڻن کي ڳولي تباهه ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي۔ بيان موجب جيڪڏهن دشمن ڪنهن به قسم جي مهم جوئي ڪندو ته ان کي سخت ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو۔
هيڊڪوارٽرز جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي فوجي حڪمت عملي ۽ حملن سبب دشمن پريشاني ۽ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي۔ ترجمان موجب دشمن کي ڪجهه عرصي کان لڳاتار “ٽيڪنيڪل خرابين” ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔
هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن مشرق وسطى ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ مختلف هنڌن تي فوجي اثاثن کي نشانو بڻائڻ جون رپورٽون پڻ سامهون اچي رهيون آهن۔ ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته دشمن جي دفاعي نظام جون ناڪاميون ۽ تازا نقصان ان جا واضح مثال آهن۔
