تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي پاسدارانِ انقلاب اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) ’وعده صادق‘ آپريشن تحت وچ اوڀر ۾ آمريڪي تنصيبات ۽ اسرائيلي هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ حملن جي 54هين لهر ’يازهرا‘ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
ايراني اختيارين موجب آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪاررواين جي جواب ۾ هي حملا ڪيا پيا وڃن۔ پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته هن لهر ۾ پهريون ڀيرو سجیل ميزائل استعمال ڪيا ويا آهن ۽ دشمن جي ڪيترن ئي هدفن کي ميزائلن ۽ ڊرونن سان نشانو بڻايو ويو آهي۔
اختيارين موجب علائقي ۾ موجود چار آمريڪي فضائي اڏن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا، جن جو هدف اهم انفرااسٽرڪچر، ڪمانڊ سينٽر ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ٽاور هئا۔
پاسداران انقلاب وڌيڪ ٻڌايو ته حملن ۾ آمريڪي فوج جي ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ايران هن وقت گهڻو ڪري هڪ ڏهاڪي اڳ ٺاهيل ميزائل استعمال ڪري رهيو آهي، جن ۾ خرمشهر، خيبر شڪن، قدر ۽ عماد ميزائل شامل آهن۔
بيان موجب جديد ميزائل اڃا استعمال ناهن ڪيا ويا، ۽ جيڪڏهن آمريڪا ۾ همت آهي ته پنهنجا جنگي جهاز خليج فارس ۾ آڻي۔
پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته انهن حملن ۾ اسرائيلي فضائي ڪاررواين سان لاڳاپيل انتظامي ۽ فيصلا سازي مرڪزن، فوجي ۽ دفاعي صنعتن جي اهم انفرااسٽرڪچر ۽ اسرائيلي فوج جي اجتماع کي نشانو بڻايو ويو آهي۔
عرب ميڊيا رپورٽن موجب 28 فيبروري کان جاري ڇڪتاڻ دوران ايران ۾ 1444 ۽ لبنان ۾ 826 ماڻهو شهيد ٿيا آهن۔ ٻئي پاسي اسرائيل ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته آمريڪي فوج جا 11 اهلڪار مارجي ويا۔ ان کان علاوه يو اي اي ۾ 6، سعودي عرب ۾ 2، عراق ۾ 26، ڪويت ۾ 6، عمان ۾ 3 ۽ بحرين ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا آهن۔
