تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي قومي سلامتي جي صلاحڪار علي لاريجاني جي شهادت کانپوءِ خاتم الانبيا هيڊڪوارٽرز آمريڪا کي سخت پيغام جاري ڪيو آهي۔
جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملي کانپوءِ هاڻي “ٽرمپ اسان جي حيران ڪندڙ ڪارروائين لاءِ تيار رهي.”
بيان موجب خطي ۾ آمريڪا جي پنجاهه سالن جي سيڙپڪاري کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ دشمن پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ جنگي ڏوهن جو سهارو وٺي رهيو آهي۔
ترجمان وڌيڪ چيو ته “ٽرمپ ڪيترائي سرپرائز جو اعلان ڪري چڪو آهي، هاڻي کيس اسان جي سرپرائز جو انتظار ڪرڻ گهرجي. اسان اهڙو جواب ڏينداسين جو دشمن هميشه لاءِ پڇتائيندو.”
خاتم الانبيا هيڊڪوارٽرز خطي جي ملڪن کي ٻاهرين طاقتن کان پري رهڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته ڪارروائيون جاري رکيون وينديون ۽ دشمن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو۔
