آبنائے هرمز جي صورتحال: اتحادي ملڪ محفوظ گذرگاهه لاءِ تيار

آبنائے هرمز جي صورتحال: اتحادي ملڪ محفوظ گذرگاهه لاءِ تيار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪا جا اتحادي ملڪ برطانيا، فرانس، جرمني ۽ جاپان سميت ڇهه وڏيون عالمي طاقتون چيو آهي ته هو آبنائے ہرمز مان محفوظ سامونڊي گذرگاهه کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهن۔

پرڏيهي ذريعن موجب هي اعلان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران پاران آبنائے هرمز جي مؤثر ناڪابندي ڪئي وئي آهي۔ عام حالتن ۾ دنيا جي لڳ ڀڳ پنجين حصي جو خام تيل ۽ مائع قدرتي گئس هن گذرگاهه ذريعي منتقل ٿيندي آهي۔

رپورٽن موجب تڪرار 28 فيبروري تي ان وقت شدت اختيار ڪري ويو جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايران خلاف ڪارروايون شروع ڪيون، جنهن جي جواب ۾ تهران خليجي علائقي ۾ آمريڪي مفادن تي حملا شروع ڪيا۔

انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن موجب موجوده صورتحال سبب لڳ ڀڳ 20 هزار ملاح 3,200 جي قريب جهازن تي آبنائے جي اولهه پاسي ڦاٿل آهن۔

هي بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان کان پوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن ڪجهه نيٽو ملڪن جي انڪار کي “احمقاڻي غلطي” قرار ڏنو هو۔ واضح رهي ته جاپان کان سواءِ باقي سڀ دستخط ڪندڙ اتر اوقيانوسي معاھدي جي تنظيم (نيٽو) جا رڪن ملڪ آهن۔

پنھنجي راءِ لکو