ڪويت ۾ مينا الاحمدي آئل ريفائنري تي ڊرون حملو، باهه ڀڙڪي اُٿي

ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ): وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران ڪويت جي وڏي آئل ريفائنري مينا الاحمدي ريفائنري تي ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ خوفناڪ باهه ڀڙڪي اُٿي۔

پرڏيهي ذريعن موجب ڪويتي حڪام چيو آهي ته هي ڪارروائي ايران پاران خليجي ملڪن جي توانائي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ واري سلسلي جي هڪ ڪڙي ٿي سگهي ٿي۔

ڪويت نيوز ايجنسي قومي پيٽروليم ڪمپني حوالي سان ٻڌايو آهي ته اڄ ڪيترن ئي ڊرونز مينا الاحمدي ريفائنري کي نشانو بڻايو۔ حملي کان پوءِ ريفائنري جي مختلف حصن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب آپريشنل يونٽن کي فوري طور بند ڪيو ويو آهي۔

سرڪاري خبر ايجنسي موجب ابتدائي طور ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي، جڏهن ته باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائر بريگيڊ جو عملو واقعي واري هنڌ موجود آهي۔

پنھنجي راءِ لکو