ايران جنگ ۽ آبناءِ هرمز جي بندش سبب تيل ۽ گئس جو بحران — سری لنڪا ۾ قيمتن ۾ زبردست واڌ

واشنگٽن/ڪولمبو (ويب ڊيسڪ): ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري جنگ ۽ آبنائے ہرمز جي بندش سبب عالمي سطح تي خام تيل ۽ گئس جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمتون تيزي سان وڌي رهيون آهن۔

ايران ۽ اسرائيل جي جنگ هاڻي چوٿين هفتي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ ان دوران آبناءِ هرمز ذريعي تيل جي نقل و حمل ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن، جنهن جو اثر سڌو سنئون توانائي مارڪيٽن تي پيو آهي۔

ان بحران جو سڀ کان واضع اثر سری لنکا ۾ ڏٺو پيو وڃي، جتي ٻه هفتا اندر ٻيهر پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي۔

غير ملڪي ميڊيا موجب سری لنڪا ۾:

پیٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 81 رپين جو اضافو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اها 398 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي۔
ڊيزل جي قيمت ۾ به 79 رپيا في ليٽر اضافو ٿيو، ۽ اها 382 رپيا في ليٽر تائين پهچي وئي آهي۔

ماهرن جو چوڻ آهي ته تيل ۽ گئس جي عالمي قيمتن ۾ واڌ ملڪ ۾ مهانگائي ۽ زندگي جي ٻين شعبن تي به اثرانداز ٿي رهي آهي۔ جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته انرجي سپلاءِ ۽ قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جا خدشا موجود آهن۔

پنھنجي راءِ لکو