دوحا (ويب ڊيسڪ): خليجي ملڪ قطر ۾ هڪ هيليڪاپٽر سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ عملي ۽ ممڪن مسافرن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي۔
پرڏيهي ميڊيا موجب قطري بچاءَ واري وزارت حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هيليڪاپٽر فني خرابي سبب سامونڊي حدن ۾ ڪري پيو۔ واقعي کان فوراً پوءِ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو۔
اختيارين جو چوڻ آهي ته امدادي ڪارروائي ۾ ساحلي سيڪيورٽي، بارڊر فورس ۽ قطري بين الاقوامي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم حصو وٺي رهي آهي۔ سامونڊي علائقي ۾ لاپتا ماڻهن جي ڳولا لاءِ جديد سامان استعمال ڪيو پيو وڃي۔
ابتدائي ڄاڻ موجب حادثو ٽيڪنيڪل خرابي جو نتيجو لڳي رهيو آهي ۽ في الحال ڪنهن دشمنانه ڪارروائي جا ثبوت سامهون ناهن آيا، جڏهن ته جاني نقصان بابت تفصيلن جو انتظار ڪيو پيو وڃي۔
وزارتِ دفاع چيو آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ ريسڪيو آپريشن جاري رکيو ويندو۔
