ملڪ ڀر ۾ 86هون يومِ پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سڄي ملڪ ۾ 86هون يومِ پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي۔ ڏينهن جي شروعات نمازِ فجر کانپوءِ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي لاءِ خاص دعائن سان ٿي۔ قومي يڪجهتي ۽ شهيدن جي درجات جي بلندي لاءِ قرآن خواني پڻ ڪئي وئي۔

يومِ پاڪستان جي موقعي تي وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني وئي۔ ان موقعي تي فضا “پاڪستان زنده باد” جي نعرا سان گونجي اٿي ۽ اهم سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو۔

تقريبن دوران قوم ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ اتحاد ۽ يڪجهتي جو عزم ورجايو ۽ پاڪستان جي مضبوط مستقبل لاءِ وڌيڪ محنت ۽ قرباني ڏيڻ جو واعدو ڪيو۔

واضح رهي ته اڄ اسلام آباد ۾ يومِ پاڪستان جي مرڪزي تقريب ٿيڻي هئي، پر موجوده علائقائي صورتحال ۽ وزيراعظم جي بچت مهم تحت اها تقريب منسوخ ڪئي وئي۔

پنھنجي راءِ لکو