ايران جي ڌمڪي: حملو ٿيو ته خليج فارس به بند ڪيو ويندو

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ طرفان حملي جي ڪوشش ڪئي وئي ته آبنائي هرمز کان پوءِ هاڻي سڄو خليج فارس به بند ڪيو ويندو۔

پرڏيهي ميڊيا موجب ايران واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن دشمن ملڪن ايران جي سامونڊي ڪنارن يا ٻيٽن تي حملو ڪيو ته نه رڳو آبنائي هرمز پر پورو خليج فارس عملي طور تي بند ڪيو ويندو، ۽ ان جي ذميواري جارحيت ڪندڙ ڌر تي هوندي۔

ايران جي دفاعي ڪائونسل آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪندي چيو آهي ته توانائي تنصيبات تي ڪنهن به حملي جي صورت ۾ خليج فارس جي سڀني سامونڊي رستن ۽ ساحلي علائقن ۾ بارودي سرنگون وڇايون وينديون۔

ڪائونسل وڌيڪ چيو ته دشمن ملڪن لاءِ آبنائي هرمز مان گذرڻ جو واحد رستو ايران سان هم آهنگي آهي، جڏهن ته جنگ ۾ شامل نه ٿيندڙ ملڪن کي گذرڻ جي اجازت ڏني ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو