آپريشن “وعده صادق 4” تحت حملن جي 78 هين لهر شروع

تهران (ويب ڊيسڪ): پاسدارانِ انقلاب آپريشن “وعده صادق 4” تحت حملن جي 78 هين لهر شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نالو “يا دليل المتحيرين” رکيو ويو آهي۔

پرڏيهي ذريعن موجب هن لهر کي ايران جي اوڀر وارن علائقن جي معززين جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي۔ هن مرحلي دوران آمريڪي اڏن ۽ اسرائيلي علائقن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي۔

پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي عظيم قوم روڊن ۽ ميدانن ۾ موجود آهي، جڏهن ته بهادر سپاهين جي ميزائلن جي برسات جنگي تاريخ ۾ الڳ رڪارڊ قائم ڪيو آهي۔

بيان موجب “عماد” ۽ “قدر” ملٽي وار هيڊ پوائنٽ آف اسٽرائڪ سسٽم ذريعي دشمن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته تباهه ڪن ڊرونز به ڪاميابي سان هدف حاصل ڪيا۔

پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارن جي قاتلن خلاف ميدانِ جنگ ۾ ڪارروائي جاري آهي، ۽ اڃا گهڻا جنگي يونٽ ۽ بسيج فورس مڪمل طور ميدان ۾ ناهن لٿا۔

انتباه جاري ڪندي چيو ويو آهي ته ضرورت پوڻ تي دشمن لاءِ مشڪلاتون وڌيڪ وڌايون وينديون، ۽ جنگ جي مساوات بدلائڻ جون سازشون انهن کان لڪيل ناهن۔

پنھنجي راءِ لکو