واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪا پاڪستان جي ذريعي ايران کي 15 نڪاتي امن منصوبو موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد جاري جنگ مان نڪرڻ جو رستو ڳولڻ ۽ خطي ۾ امن بحال ڪرڻ آهي.
آمريڪي اخبار New York Post موجب، هن منصوبي ۾ ايران لاءِ 10 بنيادي شرطون رکيو ويون آهن، جڏهن ته انهن تي عمل ڪرڻ جي صورت ۾ عالمي سطح تي ڪجهه فائدا ڏيڻ جي پيشڪش به ڪئي وئي آهي.
ايران لاءِ شرطون:
1۔ ايران کي پنهنجي موجوده جوهري صلاحيت ختم ڪرڻي پوندي.
2۔ ايران مستقبل ۾ ڪڏهن به جوهري هٿيار ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪندو.
3۔ ايران جي سرزمين تي يورينيم جي افزودگي بند ڪئي ويندي.
4۔ افزودہ يورينيم جو ذخيرو بين الاقوامي جوهري توانائي ايجنسي International Atomic Energy Agency (IAEA) حوالي ڪيو ويندو.
5۔ نطنز، اصفهان ۽ فردو جي ايٽمي تنصيبات ختم ڪيون وينديون.
6۔ آءِ اي اي اي کي سمورين جوهري تنصيبات تائين مڪمل رسائي ڏني ويندي.
7۔ ايران کي پنهنجو علائقائي “پراکسي نظام” ختم ڪرڻو پوندو.
8۔ خطي ۾ پراڪسي گروپن کي فنڊنگ بند ڪئي ويندي.
9۔ ايران جي ميزائل پروگرام کي رينج ۽ مقدار ٻنهي لحاظ کان محدود ڪيو ويندو.
10۔ ميزائلن جو استعمال صرف دفاعي مقصدن تائين محدود رکيو ويندو.
شرطون مڃڻ جي صورت ۾ فائدا:
11۔ عالمي پابندين جو خاتمو.
12۔ سولين نيوڪليئر پروگرام لاءِ آمريڪي مدد.
13۔ “اسنيپ بيڪ ميڪينزم” ختم ڪيو ويندو، جيڪو عدم تعميل جي صورت ۾ پابنديون پاڻمرادو بحال ڪندو آهي.
رپورٽ موجب وائٽ هائوس فوري طور تي تبصرو نه ڪيو، پر پريس سيڪريٽري اشارو ڏنو آهي ته آمريڪي فوجي ڪارروائيون مقصدن جي حاصلات تائين جاري رهنديون.
عنوان:
