ايراني سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنہ ای پنهنجي والد آیت اللہ علی خامنہ ای جي شهادت جي 40هين ڏينهن تي اهم بيان جاري ڪيو آهي۔پنهنجي بيان ۾ مجتبیٰ خامنہ اي چيو ته جنگ سان لاڳاپيل اهم معاملا ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ جاري ڪيا ويندا۔ هن عوام تي زور ڏنو ته اهي گذريل 40 ڏينهن وانگر ثابت قدم رهن ۽ چيو ته ايراني عوام ئي جنگ جي ميدان جا حقيقي فاتح آهن۔هن واضح ڪيو ته ايران جنگ نٿو چاهي، پر پنهنجن حقن تان هٿ به نه کڻندو ۽ هر نقصان جو ازالو وٺندو۔مجتبیٰ خامنہ اي اعلان ڪيو ته آبنائي هرمز جي انتظام بابت نئون طريقو اختيار ڪيو ويندو۔خليجي ۽ عربي ملڪن لاءِ پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موجوده صورتحال ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي ۽ ڏکڻ پاڙيسري ملڪن کي ان کي صحيح نموني سمجهڻ گهرجي۔هن وڌيڪ چيو ته سچ سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ “شيطاني قوتن” جي فريب ڏيندڙ واعدن تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي۔
