جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو جي ڊاڪٽر فهميده لغاري جي گهر آمد، وارثن سان تعزيت

سنڌ (رپورٽ): جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ڊاڪٽر فهميده لغاري جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو۔
تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ ۾ يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن جي حالت انتهائي خراب آهي ۽ اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ڪامورا ۽ وزير ملوث آهن۔
هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر فهميده لغاري ڪيس جي جاچ بابت وارثن کي خدشا آهن، تنهن ڪري جاچ جي هر مرحلي جي رپورٽ وارثن کي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن شفافيت يقيني بڻائي سگهجي۔
راشد محمود سومرو چيو ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ نياڻيون اسان سڀني جون ڌيئرون آهن، جيڪڏهن کين ڪنهن به پروفيسر، ليڪچرار يا ڊاڪٽر طرفان جنسي حراسان ڪيو وڃي ته هو خودڪشي ڪرڻ بدران رابطو ڪن، کين تحفظ فراهم ڪيو ويندو۔
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ نياڻيون غير محفوظ آهن، لاڙڪاڻي ۾ 4 سالن جي معصوم نياڻي کي اغوا بعد زيادتي ڪري قتل ڪيو ويو، ساڳي ريت خيرپور ۽ ميرپورخاص ۾ به اهڙا افسوسناڪ واقعا پيش آيا آهن۔
راشد محمود سومرو مطالبو ڪيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا روڪي سگهجن ۽ متاثر خاندانن کي انصاف ملي سگهي۔

پنھنجي راءِ لکو