ڪراچي: وڏي وزير سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيل صوبائي ڪابينا جي اهم اجلاس ۾ سهون ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايس ڊي اي) ۾ نيون ڀرتيون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔خانگي ٽي وي ARY News موجب اجلاس ۾ 25 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، جنهن دوران صوبي ۾ اربين رپين جي ترقياتي منصوبن جي منظوري پڻ ڏني وئي۔ڪابينا ايس ڊي اي جي واجبات جي ادائيگي لاءِ 615.7 ملين رپيا منظور ڪيا، پر ان کي سخت رِي اسٽرڪچرنگ منصوبي سان مشروط ڪيو ويو آهي۔اجلاس ۾ اهم فيصلو ڪندي ايس ڊي اي ۾ نيون ڀرتيون بند ڪيون ويون، جڏهن ته اداري جي 421 ملازمن کي سرپلس پول ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي۔
