سکر (ويب ڊيسڪ): اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته بلوچ سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي۔
هن چيو ته گريڊ 5 کان 15 تائين نوڪرين لاءِ گذريل چار سالن دوران انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) جا ٽيسٽ پاس ڪندڙ هزارين نوجوان اڃا تائين نوڪرين جا منتظر آهن ۽ دربدر ٿي رهيا آهن۔
شائسته بلوچ موجب انهن ٽيسٽن ذريعي حڪومت نوجوانن کان اربين رپيا فيسن جي مد ۾ وصول ڪيا، پر ان جي باوجود ميرٽ تي ڪامياب اميدوارن کي نوڪريون نه مليون، جيڪو هڪ ڳڻتي جوڳي عمل آهي۔
هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ نوڪرين جي کوٽ ناهي ته پوءِ اهل ۽ ڪامياب اميدوارن کي ڇو نظرانداز ڪيو پيو وڃي؟
هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي بيان تي به ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن نوڪريون واقعي نوجوانن کي ڳولي رهيون آهن ته پوءِ اهي نوجوان ڪٿي وڃن جيڪي ٽيسٽ پاس ڪري چڪا آهن ۽ سالن کان انتظار ڪري رهيا آهن۔
هن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ميرٽ تي ڪامياب اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ته جيئن نوجوانن ۾ بيچيني ۽ مايوسي ختم ٿي سگهي۔
شائسته بلوچ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مسئلو حل نه ڪيو ويو ته متاثر نوجوان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا۔
