لاڙڪاڻو: پوليس مقابلي ۾ 50 لک انعام يافته خطرناڪ ڏوهاري مارجي ويو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ): لاڙڪاڻو ۾ پوليس مقابلي دوران 50 لک روپيه انعام يافته خطرناڪ ڏوهاري ۽ بين الصوبائي منشيات ڊيلر مارجي ويو آهي۔
ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب مقابلو وليد ٿاڻي جي حد عرب پير واري علائقي ۾ حساس اداري جي سهڪار سان ٿيو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي طرفن کان فائرنگ دوران ڏوهاري پنهنجن ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو۔
پوليس مطابق مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ واحد بخش عرف سونو ابڙو طور ٿي آهي۔
ايس ايس پي موجب ڏوهاري 30 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو، جن ۾ منشيات فروشي، دهشتگردي ايڪٽ، ڦر ۽ پوليس مقابلن جا ڪيس شامل آهن۔ هو شهيد ڪانسٽيبل زوار مشتاق احمد تنيو جي قتل واري ڪيس ۾ به مرڪزي ڪردار هو۔
پوليس مارجي ويل ڏوهاري وٽان هٿيار قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو