اسلام آباد: اڊيالا جيل ٻاهران پي ٽي آءِ اڳواڻن تي عليمه خان جي ڪاوڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات واري ڏينهن پارٽي اڳواڻن جي اڊيالا جيل نه اچڻ تي سندس ڀيڻ عليمه خان سخت ناراض ٿي وئي.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته پارٽي جا اسيمبلي ميمبر اڄ هتي ڇو موجود نه هئا؟ هن سوال ڪيو ته جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ باني جي ووٽ سان اسيمبلين ۾ ويٺل آهن، انهن کي هتي هجڻ گهرجي ها۔
پارٽي اڳواڻ شاهد خٽڪ عليمه خان کي وضاحت ڏيندي چيو ته سندس بيان پارلياماني گروپ ۽ خيبرپختونخواهه جي ايم اين ايز گروپ ۾ شيئر ڪيو ويو هو ۽ سڀني کي اڊيالا جيل اچڻ جو چيو ويو هو۔ هن چيو ته ايندڙ هفتي خيبرپختونخواهه جا سڀ اسيمبلي ميمبر ۽ وزيراعليٰ هتي پهچندا۔
عليمه خان وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو اڊيالا جيل نٿا اچي سگهن، انهن کي پنهنجا عهدا ۽ سيٽون ڇڏي ڏيڻ گهرجن۔ هن چيو ته جن ماڻهن پي ٽي آءِ باني جي نالي تي ووٽ ورتا، انهن کي شرم اچڻ گهرجي۔

پنھنجي راءِ لکو