راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جا ٿورائتا آهيون، جن پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار جي بار بار واکاڻ ڪئي آهي۔جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿيل “معرڪو حق” جي پروقار تقريب کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته اڄ جو ڏينهن پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي، ڇو ته هڪ سال اڳ الله تعاليٰ پاڪستان کي معرڪو حق ۾ وڏي ڪاميابي عطا ڪئي ۽ ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويو۔هن چيو ته پاڪستان جي عسڪري حڪمت عملي جو مقصد جارحيت نه پر امن آهي، پر دشمن ياد رکي ته مستقبل ۾ ڪنهن به مهم جوئي جي صورت ۾ جنگ جا اثر محدود نه رهندا۔ هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج کي رڳو جديد هٿيار ئي نه پر نئين سوچ ۽ جديد حڪمت عملي سان پڻ ليس ڪيو پيو وڃي۔فيلڊ مارشل سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي کي اهم سفارتي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان اڄ مؤثر قيادت ذريعي عالمي سفارتڪاري ڪري رهيو آهي۔ هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا مڃيندي چيو ته آمريڪا ۽ ايران کي پاڪستان جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي۔سيد عاصم منير وڌيڪ چيو ته ڀارت ۽ افغانستان مان پاڪستان خلاف دهشتگردي اڃا تائين جاري آهي۔ هن زور ڀريو ته افغانستان پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي۔
