ڪراچي: ملير جيل مان قيدي جي فرار جو مبينا واقعو، انتظاميه ۾ هلچل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڊسٽرڪٽ ملير جي جيل مان هڪ قيدي جي مبينا فرار جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن کان پوءِ جيل انتظاميه ۾ ڳڻتي ۽ هلچل پيدا ٿي وئي آهي۔رپورٽن موجب ملير جيل ۾ هڪ تقريب بعد قيدين جي گنتي ڪئي وئي ته هڪ قيدي گهٽ نڪتو، جنهن تي انتظاميه فوري طور سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي۔فرار ٿيل قيدي نويد عرف پولڪا ٻڌايو پيو وڃي، جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ جوهر آباد پوليس قتل ۽ اغوا جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو۔ الزام آهي ته هن تاجر ريحان کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو هو ۽ سندس نشاندهي تي هڪ مغوي جو لاش به هٿ آيو هو۔پوليس ذريعن موجب قيدي جي ڳولا لاءِ گذريل ٽن ڪلاڪن کان جيل اندر سرچنگ جاري آهي، پر هن وقت تائين ڪا به ڪاميابي نه ملي سگهي آهي۔ياد رهي ته گذريل سال جون مهيني ۾ به ملير جيل مان 225 قيدي فرار ٿي ويا هئا، جنهن کان پوءِ جيل جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي ۽ نوان سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائڻ جو به دعويٰ ڪيو ويو هو۔رپورٽن موجب فرار ٿيل قيدي نويد ماضي ۾ صحافي ولي بابر قتل ڪيس ۾ به گرفتار رهيو آهي، پر بعد ۾ ثبوتن جي کوٽ سبب بري ڪيو ويو هو۔

پنھنجي راءِ لکو