هران / واشنگٽن: آمريڪا جي نون جنگبندي تجويزن تي ايران پاران رکيل شرطون ۽ مطالبا سامهون اچي ويا آهن۔ پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايران پاڪستان جي ثالثي ذريعي آمريڪا ڏانهن پنهنجو جواب موڪليو، جنهن ۾ پابنديون ختم ڪرڻ، جنگ جو مڪمل خاتمو ۽ سلامتي جون ضمانتون سميت ڪيترائي اهم مطالبا شامل آهن۔ايراني نيم سرڪاري خبر ايجنسي “تسنيم” موجب تهران مطالبو ڪيو آهي ته آمريڪا ايراني تيل جي وڪرو تي لڳايل پابنديون 30 ڏينهن اندر ختم ڪري ۽ ايران جو بحري گهيرو پڻ فوري طور هٽايو وڃايراني تجويزن ۾ جنگ جي فوري خاتمي سان گڏ اها ضمانت پڻ گهري وئي آهي ته مستقبل ۾ ايران تي ٻيهر حملو نه ڪيو ويندو۔ ان کان علاوه تهران آبنائي هرمز جو انتظام پنهنجي هٿ ۾ رکڻ ۽ جنگي نقصانن جي معاوضي جو مطالبو به ورجايو آهي۔آمريڪي اخبار “وال اسٽريٽ جرنل” جي رپورٽ موجب ايران پنهنجي ايٽمي تنصيبات مڪمل ختم ڪرڻ واري آمريڪي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اعليٰ سطح تي افزودہ يورينيم گهٽ ڪرڻ ۽ باقي ذخيرو ڪنهن ٽئين ملڪ منتقل ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي۔ايراني سرڪاري ميڊيا موجب تهران پنهنجي ايٽمي پروگرام کان وڌيڪ ڌيان خطي ۾ جاري جنگ جي خاتمي تي ڏنو آهي۔واضح رهي ته آمريڪي اخبار “نيويارڪ پوسٽ” مطابق آمريڪي تجويز ۾ جنگبندي، عالمي جهازراني لاءِ آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام ۾ گهٽتائي بابت معاهدو شامل هو۔ٻئي پاسي آمريڪي صدر Donald Trump ايران جون شرطون رد ڪري ڇڏيون آهن۔
