ڪراچي: شهر قائد ۾ الفلاح جاچ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي عيد کان اڳ مارڪيٽ ۾ جعلي ڪرنسي ڦهلائڻ جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو۔نويسٽيگيشن پوليس ڪامياب ڪارروائي دوران جعلي ڪرنسي وڪرو ڪندڙ نيٽ ورڪ جي 3 ڪارندن کي گرفتار ڪري ورتو۔يس پي انويسٽيگيشن قيس خان موجب گرفتار ٿيل جوابدار شهر ۾ گهٽ قيمت تي جعلي نوٽ وڪرو ڪندا هئا۔ شروعاتي جاچ دوران جوابدارن انڪشاف ڪيو ته هو 5 هزار رپين جو جعلي نوٽ صرف هڪ هزار رپين ۾ وڪرو ڪندا هئا۔
پوليس موجب جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته نيٽ ورڪ جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن۔اختيارين جو چوڻ آهي ته عيد کان اڳ جعلي ڪرنسي ذريعي شهرين کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش بروقت ناڪام بڻائي وئي، جنهن سان وڏي مالي فراڊ کان بچاءُ ممڪن بڻيو۔
