ڪراچي جي علائقي موچڪو ۾ پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي بلوچستان کان ڪراچي اسمگل ڪيا ويندڙ پرڏيهي سگريٽن جي وڏي کيپ پڪڙي ورتي۔ پوليس ڪيش وين مان هڪ ڪروڙ 48 لک 24 هزار رپين ماليت جا 8 هزار پيڪٽ پرڏيهي سگريٽ هٿ ڪيا ۽ سيڪيورٽي ڪمپني جي ٽن ملازمن سميت 4 جوابدارن کي حراست ۾ ورتو۔
گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ ڊرائيور غلام مصطفىٰ، سپروائيزر اسحاق، سيڪيورٽي گارڊ رضا ۽ صديق شامل آهن۔ پوليس موجب ضبط ڪيل سامان، نقد رقم ۽ گاڏي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽمز اختيارين حوالي ڪئي وئي آهي۔پوليس اختيارين چيو آهي ته اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ملڪ ۾ قانوني واپار جي واڌاري لاءِ اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون۔
