خيبر پختونخوا جي ضلعي نوشهره ۾ رستي جي معمولي تڪرار خطرناڪ خونريز جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا۔پوليس موجب واقعو ميان عيسيٰ واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار سبب جهيڙو وڌي ويو ۽ فائرنگ شروع ٿي وئي۔واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين وچ ۾ دشمني گهڻي عرصي کان جاري هئي، جيڪا اڄ خوفناڪ تصادم ۾ تبديل ٿي وئي۔ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي ۽ هٿياربند ڌريون مورچا بند ويٺل آهن۔ پوليس علائقي ۾ وڌيڪ نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي۔
