سکر: معرڪه حق جي ڪاميابي اتحاد ۽ قومي يڪجهتي جي فتح آهي، سجاد علي لاکو

سکر (ويب ڊيسڪ): سجاد علي لاکو معرڪه حق ۽ “بنيان المرصوص” جي ڪاميابي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اها ڪاميابي حق، اتحاد ۽ قومي يڪجهتي جي فتح آهي۔

هن چيو ته پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيشه ورانه صلاحيتن، بهادري ۽ عزم جو مظاهرو ڪندي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اها هر قسم جي چيلينج کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي۔

سجاد علي لاکو نوجوان نسل تي زور ڏنو ته اهي اتحاد، امن، محبت ۽ ترقي جو پيغام عام ڪن ته جيئن سماج ۾ ڀائيچاري، استحڪام ۽ قومي هم آهنگي کي هٿي ملي سگهي۔

هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر فوجن جي قربانين ۽ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، جن جي بدولت ملڪ ۾ امن ۽ سڪون قائم آهي ۽ عوام محفوظ زندگي گذاري رهيو آهي۔

سندس چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي وطن جي بهادر جوانن ۽ ڪمانڊوز تي فخر آهي، جيڪي هر محاذ تي ملڪ ۽ قوم جي دفاع لاءِ هر وقت تيار رهن ٿا۔

آخر ۾ هن “پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان پائنده باد” جا نعرا هنيا ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي وڌيڪ ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابين سان نوازيندو۔

پنھنجي راءِ لکو