سکر (ويب ڊيسڪ): سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ 8 گهر ڀاتين جي گمشدگي بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اهم حڪم جاري ڪيو آهي۔
عدالت آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کي هدايت ڪئي آهي ته سمورا لاپتا ماڻهو 19 مئي تائين بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن۔
درخواست گھوٽڪي جي جروار ڀرسان ڳوٺ دٻي جي رهواسي سيد محمد نواز شاهه طرفان داخل ڪئي وئي، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس محمد عبدالرحمان تي مشتمل ڊويزن بينچ ڪئي۔
درخواستگذار جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته هڪ هفتي اڳ پوليس گهر تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو ۽ گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو۔
وڪيلن موجب پوليس عدنان شاهه، آرم نواز، بشريٰ زوجہ عمران شاهه، رخسانه زوجہ عرفان شاهه، بختاور، 9 مهينن جو ٻار محمد موسى، عجوہ عزيز ۽ پلوشا کي حراست ۾ وٺي بعد ۾ لاپتا ڪري ڇڏيو۔
درخواست ۾ عدالت کان گهر ڪئي وئي ته لاپتا ماڻهن کي فوري طور بازياب ڪرائي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي۔
عدالت سخت رمارڪس ڏيندي لاڳاپيل اختيارين کي 19 مئي تائين حڪم تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔
