واشنگٽن ۾ آمريڪي ڊيموڪريٽڪ ڪانگريس ميمبر Edward Case سينيٽ ڪميٽي جي هڪ خاص ٻڌڻي دوران دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان جنگ ۾ آمريڪا جا 39 جهاز تباهه ٿيا آهن۔پرڏيهي ميڊيا موجب ايڊورڊ ڪيس پينٽاگون جي چيف فنانشل آفيسر جي هرسٽ کان جنگي نقصان بابت سخت سوال ڪيا، پر ڪيترن ئي سوالن جا واضح جواب نه ملي سگهيا۔آمريڪي دفاعي ويب سائيٽ The War Zone جي رپورٽ موجب ايران خلاف 39 ڏينهن جاري رهندڙ جنگ دوران آمريڪي فضائيه 13 هزار کان وڌيڪ اڏامون ڪيون، جڏهن ته ان عرصي دوران 39 جهاز تباهه ۽ 10 وڌيڪ نقصان جو شڪار ٿيا۔رپورٽ مطابق تباهه ٿيل جهازن ۾ 24 MQ-9 ريپر ڊرون، 4 ايف 15 اي ٽرائڪ ايگل ۽ هڪ اي 10 وارتھوگ شامل هئا۔ ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي ته هڪ جديد ايف 35 اي فائٽر جيٽ پڻ ايران جي فضائي حدن ۾ نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ان جو پائلٽ بچي ويو۔رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪجهه آمريڪي فوجي اثاثا ايران جي قبضي کان بچائڻ لاءِ پاڻ ئي تباهه ڪيا ويا۔