وائرل وڊيو تي ايڪشن: سيپڪو انجنيئر غلام علي تنيو خلاف جاچ جو حڪم

خبر ۽ وائرل وڊيو جو نوٽيس وٺندي SEPCO جي سي اي او سپرنٽنڊنٽ انجنيئر غلام علي تنيو خلاف فوري ڪارروائي ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔سي اي او سيپڪو طرفان غلام علي تنيو خلاف 4 رڪني جاچ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن بابت باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي۔جاچ ڪميٽي ۾ مشتاق عباسي، امداد ميراني، ديپڪ ڪمار ۽ ڊاڪٽر عاشق عباسي شامل آهن، جڏهن ته واپڊا اسپتال جو ايم ايس غلام علي تنيو جا ميڊيڪل ٽيسٽ به ڪندو۔نوٽيفڪيشن موجب جاچ مڪمل ٿيڻ تائين غلام علي تنيو سيپڪو هيڊڪوارٽر ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو۔ ڪميٽي کي 7 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔