خودڪش بمبار کي روڪيندڙ لياقت شهيد لاءِ ستارهٔ شجاعت جو اعلان

اسلام آباد ۾ قومي هيرو لياقت شهيد جي بهادري کي مڃيندي کيس ملڪ جو ٻيو وڏو سول اعزاز “ستارهٔ شجاعت” ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب وزيراعظم جي خاص تي صدرِ پاڪستان لياقت شهيد لاءِ هن اعزاز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته شهيد جا وارث اعزاز وصول ڪرڻ لاءِ اسلام آباد روانا ٿي ويا آهن۔لياقت شهيد ڊيوٽي دوران ي مثال جرئت ۽ فرض شناسي جو مظاهرو ڪندي هڪ خودڪش بمبار کي پنهنجي هدف تائين پهچڻ کان اڳ ئي روڪي ڇڏيو هو۔ هن ڪارروائي دوران هو شهيد ٿي ويو، پر نهنجي جان قربان ڪري سوين قيمتي جانيون بچائي ورتيون۔سندس قرباني ۽ بهادري کي سڄي قوم لاءِ روشن مثال قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته عوامي حلقا پڻ لياقت شهيد کي ڀرپور راجِ تحسين پيش ڪري رهيا آهن۔