جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراههمولانا فضل الرحمان 6 ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويا آهن۔ پارٽي ترجمان اسلم غوري موجب ايئرپورٽ تي علامه راشد سومرو، قاري عثمان ۽ ٻين اڳواڻن سندن آجيان ڪئي۔مولانا فضل الرحمان اڄ منگهوپير روڊ تي ٿيندڙ ”وحدتِ امت ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندا۔ دوري دوران هو پير صاحب پاڳاري سميت اهم شخصيتن سان ملاقاتون پڻ ڪندا، جڏهن ته ”ميٽ دي پريس“ پروگرام ۾ به شرڪت ڪندا۔مولانا فضل الرحمان تازو ڏينهن ۾ حڪومت جي معاشي پاليسين، مهانگائي ۽ پارلياماني روين تي سخت تنقيد ڪندا رهيا آهن۔ قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي مسلسل وڌي رهي آهي، پر پارليامينٽ ۾ ان اهم مسئلي تي سنجيده بحث نٿو ڪيو وڃي۔هن چيو ته عوام مهانگائي ۽ معاشي دٻاءَ سبب پريشان آهن، جڏهن ته حڪومت زميني حقيقتن کان پري نظر اچي ٿي۔ مولانا فضل الرحمان اپوزيشن جي آواز دٻائڻ ۽ پارليامينٽ ۾ برابر حق نه ڏيڻ جا الزام پڻ لڳايا۔