نادرا رڪارڊ ۾ زنده شهري فوت ٿيل ظاهر، درستگي لاءِ يونين ڪائونسل سان رابطو ضروري

حيدرآباد جي هڪ شهري شڪايت ڪئي آهي ته نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي رڪارڊ ۾ کيس فوت ٿيل ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هو زنده آهي.نادرا اختيارين موجب ڪنهن به شهري کي ان وقت تائين فوت ٿيل قرار نٿو ڏنو وڃي، جيستائين لاڳاپيل يونين ڪائونسل مان فوتگي جو رڪارڊ جاري نه ٿئي. اختيارين ٻڌايو ته اهڙيون غلطيون اڪثر ٻن سببن جي ڪري ٿينديون آهن، جن ۾ خاندان جي ڪنهن فرد طرفان غلط ڊيث سرٽيفڪيٽ جاري ڪرائڻ يا سڃاڻپ ڪارڊ نمبر جي غلطي شامل آهي.نادرا نمائندي موجب متاثر شخص کي سڀ کان پهرين لاڳاپيل يونين ڪائونسل وڃي پنهنجو ڊيث سرٽيفڪيٽ منسوخ ڪرائڻو پوندو. يونين ڪائونسل مان رڪارڊ درست ٿيڻ بعد شهري ڪنهن به نادرا آفيس وڃي بايوميٽرڪ تصديق ڪرائي سگهي ٿو، جنهن کان پوءِ سندس رڪارڊ ٻيهر اپڊيٽ ڪيو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو