Marco Rubio جي تازي چين دوري دوران هڪ دلچسپ سفارتي حل سامهون آيو آهي، جنهن عالمي حلقن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب مارڪو روبيو ماضي ۾ چين جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب کيس چين طرفان پابندين واري فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو. آمريڪي صدر Donald Trump سان گڏ بيجنگ جي دوري دوران اهو مسئلو پيدا ٿيو ته پابندي سبب کيس چيني سرزمين تي لهڻ جي اجازت نه ملي سگهي ٿي.تنهن هوندي به چيني اختيارين باضابطه طور پابندي ختم ڪرڻ کانسواءِ هڪ منفرد سفارتي رستو اختيار ڪيو. ذريعن مطابق سرڪاري دستاويزن ۽ ويزا رڪارڊ ۾ مارڪو روبيو جي نالي جا چيني هجا خاموشي سان تبديل ڪيا ويا.نئين اسپيلنگ بعد فني طور پراڻي نالي تي پابندي برقرار رهي، جڏهن ته هو “مارڪو لو” جي نالي سان چين پهچي ويو. سڄي معاملي بابت نه ڪو عوامي اعلان ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪو رسمي معاهدو سامهون آيو، پر صرف نالي جي تبديلي ذريعي هڪ اهم سفارتي بحران خاموشي سان حل ڪيو ويو.
